جوڻيجو حيدر خان

جوڻيجو، حيدر خان: رئيس حيدر خان جوڻيجو، 1868ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو جمعو خان هو. سندس وڏا اصل جهوڪ شريف جي ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ رهندا هئا، جنهن کان پوءِ اتان خليفو جمعو جوڻيجو پنهنجي مرشد پير فتح شاهه جي ڪٽنب سان گڏ بدين تعلقي جي موجوده ڳوٺ پير فتح شاهه ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو، جتي اڄ تائين سندس خاندان رهي ٿو. هن جي پيءُ کيس پڙهايو. حيدر خان مختلف نوڪريون ڪيون، جن ۾ ماستري، پوليس ۾ صوبيدار ۽ هيڊ منشيءَ رهيو. سخت منتظم هو. نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ لوڪل بورڊ جي ذريعي عملي سياست ۾ حصو ورتائين ۽ انصاف پسنديءَ جي ڪري بدين تعلقي جي معززن ۾ ليکجڻ لڳو. پنهنجن اعتقادن ۽ عملي زندگيءَ جي تجربن بابت هڪ ڪتاب ”دانشمندي“ 1918ع ۾ لکيائين، جيڪو سندس پوٽي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي 1958ع ۾ ايڊٽ ڪري شايع ڪرايو. کيس نياڻين کانسواءِ هڪ فرزند ڊاڪٽر سلطان احمد ڄائو، جنهن زمينداري طب ۽ سياست ۾ نالو ڪڍيو. حيدر خان 27 سيپٽمبر 1934ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو